Ticker

6/recent/ticker-posts

Ghar nawaz Mitha Khan

Mitha Khan

 زرداري، مٺا خان: سنڌ جي نامياري گهڙي نواز مٺا خان ولد راڻي خان زرداريءَ، 1918ع ڌاري پريتم آباد، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، سنڌي فائنل نوشهري فيروز جي هڪ مدرسي مان ڪئي، جنهن بعد هن نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ جو امتحان ڏنو. مٺا خان زرداريءَ کي 1942ع ۾ پوليس کاتي ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ملي، جنهن دؤران هن ميرپورخاص، ٺٽي، دادو، سانگهڙ، نوابشاهه ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن شهرن ۾ پنهنجون ذميواريون سر انجام ڏيئي 1979ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي. مٺا خان زرداريءَ کي گهڙو وڄائڻ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو، هن گهڙي وڄائڻ جي سکيا پنهنجن ٻن عزيزن محمد ڪامل ۽ خدا بخش کان حاصل ڪئي، هو شروعات ۾ پنهنجي علائقي ۾ ٿيندڙ شادين مرادين جي محفلن ۾ گهڙو وڄائيندو هو. شروع۾ ئي کيس ماسٽر چندر، خان بلوچ'>سونا خان بلوچ، جيوڻي ٻائي ۽ ٻين وڏن فنڪارن سان گهڙي تي سنگت ڪرڻ جو موقعو مليو. مٺا خان زرداريءَ جي فن جي شهرت جي ابتدا ان وقت ٿي، جڏهن 1952ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ميلي جي موقعي تي پهريون ڀيرو ڪنهن سرڪاري پروگرام ۾ اسٽيج تي پرفارم ڪرڻ جو کيس موقعو مليو. هي ان وقت الغوزي نواز مصري خان جمالي ۽ خميسي خان سان سنگت ڪري ٻڌندڙن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنهن کانپوءِ سندس فن جي واکاڻ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ٿيڻ لڳي.

مٺا خان زرداري گهڙي وڄائڻ جو ماهر وڄتڪار هو، ٺڪر جي قديم ساز گهڙي تي هٿ جي آڱرين جي ڪمال سان ردم جا اهڙا ته ڪامياب تجربا ڪيائين، جو ٻڌندڙن جو عقل دنگ رهجي ويندو هو. هن جي ڪامياب تجربن جي نتيجي ۾ گهڙي مان ڪڏهن اهڙو سنهو آواز نڪرندو هو، جو محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ ڪو تار وارو ساز پيو وڄي ۽ ڪڏهن وري ايترو بلند آواز نڪرندو هو ڄڻ نغارا پيا وڃن. گهڙي تي هُو ڪلواڙو، جهپ تال، تين تال، ڌاڌرو ۽ چنچل وڄائيندو هو. مٺا خان زرداريءَ سنڌ جي هن قديم ساز کي پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ متعارف ڪرايو. هن آمريڪا، جرمني، انگلينڊ، فرانس، اٽلي، ترڪي، چين، ڪوريا، ڊينمارڪ، سئيڊن ۽ دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. 1960ع ۾ نيپال جو بادشاهه پاڪستان جي دوري تي آيو ته سندس آجياڻي طور لاهور ۾ هڪ جشن ملهايو ويو، جنهن جشن لاءِ صدر ايوب خان جي دعوت تي پاڪستان جي هر علائقي مان فنڪارن کي گهرايو ويو. سنڌ مان الغوزي نواز خميسي خان ۽ گهڙي نواز مٺا خان زرداريءَ کي خاص دعوت ڏئي گهرايو ويو. ان وقت جڏهن گهڙي جي وڄت نيپال جي بادشاهه ٻڌي ته پهريان کيس اعتبار ئي نه پئي آيو ته اهو ڪو مٽيءَ جي گهڙي تي هٿ جي آڱرين جو ڪمال آهي. سندس خيال هو ته گهڙي ۾ اندر ڪا مشين رکيل آهي، جنهن مان اهڙو آواز نڪري ٿو. آخرڪار هن گهڙو پاڻ وٽ گهرائي جانچي ڏٺو ۽ مٺا خان کي ٻيهر وڄائڻ لاءِ چيو، جڏهن بادشاهه کي پڪ پئي ته اهو واقعي هٿ جي آڱرين جو ڪمال آهي ته هن پوري جوش ۽ خروش سان مٺا خان زرداريءَ کي داد ڏنو. کيس فن جي مڃتا ۾ 1989ع ۾ صدارتي اوارڊ براءِ حسنِ ڪارڪردگي، لطيف اوارڊ، مدر لينڊ اوارڊ، مهراڻ اوارڊ ۽ ٻيا ڪيترا اوارڊ ۽ اعزاز مليا. مٺا خان زرداريءَ کي فرانس ۾ هزهائينس پرنس ڪريم آغا خان جي نياڻيءَ جي شاديءَ ۾ خصوصي طور دعوت ڏئي گهرايو ويو، ايران جي اڳوڻي شهنشاهه رضا شاهه پهلويءَ ۽ انڊونيشيا جي اڳوڻن صدرن سوهارتو ۽ سوئيڪارنو سندس وڄت ٻڌي کيس خوب داد ڏنو. هڪ واقعو مشهور آهي ته هڪ ڀيري مٺا خان زرداري بئلجيم جي دؤري تي ويو، جتي هن هڪ پروگرام ۾ فن جو مظاهرو ڪيو، ان دؤران هڪ انگريز کيس آڇ ڪئي ته ”جيترا چاهيو ڏوڪڙ وٺو، پر گهڙو منهنجي حوالي ڪيو.“ جواب ۾ مٺا خان مخاطب ٿيندي کيس چيو ته ”ديس جي مٽي وڪرو ناهي ڪبي.“ مٺا خان زرداريءَ 12 مئي 2011ع تي نوابشاهه ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه سخي ڄام ڏاتار جي قبرستان ۾ آهي ۔

Post a Comment

0 Comments